رام جهروڪو

رام جهروڪو

رام جهروڪو

رام جهروڪو: هي هڪ ٽاڪرو غار آهي، جيڪا بلوچستان ۾ موجود هندن جي وڏي تيرٿ ’هنگلاج‘ جي سامهون هڪ اُڀي جبل ۾ آهي. هن جبل کي ’چوراسي پهاڙ‘ چيو وڃي ٿو. هن جبل جي چند سئو فوٽن جي بلنديءَ تي هڪ غار ٺهيل آهي، جنهن کي ’رام جهروڪي‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اشتياق انصاريءَ، رامائڻ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، ”رامائڻ ۾ رشي والميڪيءَ لکيو آهي ته جڏهن شري رامچندر، راوڻ کي ماريو هو، تڏهن رشي ڪمپودو جي چوڻ تي سيتا، لڇمڻ، هنومان ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي هنگلاج ماتا جي درشن لاءِ آيو هو. ماتا مٿن مهر ڪري راوڻ جي مارڻ واري پاپ کان کين مڪت ڪيو هو.“
هن رام جهروڪي ۾ سج ۽ چنڊ جا نقش ٺهيل آهن، جيڪي هندن جي ٻن مکيه ونشن جي بنيادي عقيدي کي ظاهر ڪن ٿا. انهن مان سج سائي رنگ سان ۽ چنڊ ڳاڙهي رنگ سان چٽيل آهي. چيو وڃي ٿو ته اهي نقش شري رامچندر خود پنهنجن هٿن سان ٺاهيا هئا، جيڪي سورج ونشي ۽ چندر ونشي ڪل جي بنيادي علامتن کي ظاهر ڪن ٿا.
مندر جي پسگردائيءَ ۾ کجيءَ ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ آهن. روايت آهي ته هتي سڀني وڻن جون ٽاريون ترشول (شِوَ ۽ ٻين ديوين/ ديوتائن جي هٿيار) جي شڪل جهڙيون آهن. هنگلاج ديويءَ جي مندر ۽ اتي موجود مختلف آستانن جي سارسنڀال ڪيترين پيڙهين کان وٺي هنگول نديءَ جي ڪناري تي آباد مسلمان ڪندا پئي آيا آهن. سندن اعتقاد آهي ته هنگلاج ديوي، حضرت علي عليه السلام جي دائي هئي. اتي جا ماڻهو هنگلاج ديويءَ کي ’نانيءَ‘ جي نالي سان سڏين ٿا. اڄ به هن مندر ۽ مختلف آستانن جو مجاور مسلمان آهي. شاهه لطيف به ’نانيءَ‘ کي سُر رامڪليءَ ۾ ڳايو آهي:
نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،
ديکي جن دوارڪا، مهيسين ملهي،
آڳھ جن علي، آءٌ نه جيئندي اُن ري!
(رامڪلي، داستان: 1، بيت: 14، ڪلياڻ آڏواڻي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو